راهب فقير جو دڙو

راهب فقير جو دڙو: ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف جي درگاهه کان هزار کن فوٽ اوڀر ۾ هڪ دڙو هوندو هو، جنهن جو نالو راهب فقير جو دڙو چيو ويندو هو. راهب ابڙو ڪوري هو، جيڪو روايت موجب شاهه صاحب جو فقير ٿيو، هي اهو فقير هو، جنهن شاهه صاحب جي شاديءَ وقت انهيءَ اٺ جي واڳ جھلي هئي، جنهن جي ڪجاوي ۾ شاهه صاحب جي ڪنوار ويٺل هئي. شاهه صاحب جڏهن ڀٽ وسائي ته هي به ساڻس گڏ آيو هو ۽ جنهن جاءِ تي اچي رهيو، ان کي راهب فقير جو دڙو چيو ويو. بعد ۾ ان دڙي تي شاهه صاحب جي ڀيڻ جو ڪٽنب رهيو، جن جا ڪي پويان اڃا تائين اتي رهن ٿا ۽ سندن ويهارو کن گھر اتي آهن.


لفظ راهب فقير جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو